| باقراڻي ٿاڻي جي لاڪپ مان گرفتار جوابدار جو ٽنگيل لاش هٿ، تشدد ڪري مارڻ جو الزام |
باقراڻي(رپورٽ: لالا برڪت بلوچ) باقراڻي ٿاڻي جي لاڪ اپ مان گرفتار جوابدار زبيدالله ولد شاهه محمد لاشاري جو مبينا ڦاھو کاڌل لاش هٿ آيو آهي، فوتي جوابدار باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ عبدالله لاشاري جو رهواسي هو، جنهن کي ڊي ايس پي ڏوڪري جي اسڪاٽ ڪالهه صبو پوليس سان گڏ ڳوٺ عبدالله لاشاري مان گرفتار ڪري باقراڻي ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪيو ويو هو،واقعي بعد پوليس واقعي کي خودڪشي قرار ڏئي جوابدار جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او باقراڻي گلزار ٻرڙو ٻڌايو ته ڪالهه صبو ڊي ايس پي ڏوڪري جي اسڪاٽ جوابدار زبيدالله ولد شاهه محمد لاشاري کي گرفتار ڪري باقراڻي ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪيو هو، جتي هن پنهنجو رومال ڳچي ۾ وجهي ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار زبيدالله لاشاري باقراڻي ۽ رشيد وڳڻ ٿاڻن تي روپوش ۽ گهربل هو، جڏهن ته سندس خلاف باقراڻي، بقاپور ۽ رشيد وڳڻ ٿاڻن تي مختلف ڪيس پڻ داخل هئا، پوليس پاران ڏنل درخواست تي سئنير سول جج ڏوڪري علي رضا کوکر واقعي واري هنڌ تي پهچي لاڪ اپ جو معائنو ڪيو ۽ واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا، هوڏانهن واقعي جي اطلاع ملڻ تي مبينا خودڪشي ڪندڙ جوابدار زبيدالله لاشاري جي پيرسن امڙ، ڀاءُ عبيدالله لاشاري ۽ ٻيا وارث باقراڻي ٿاڻي تي پهچي دانهون ڪندي پوليس مٿان سنگين الزام هنيا،وارثن جو چوڻ هو ته ڪالهه ڏهين وڳي پوليس اسان جي نوجوان زبيدالله لاشاري کي کڻي وئي، کيس سخت تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي پوليس خودڪشي جو ڊرامو رچائي رهي آهي ،هنن الزام هنيو ته زبيدالله ڏوهاري نه هو، پوليس بيگناهه قتل ڪيو آهي،
| ايس ايس پي جو نوٽيس: ايس ايچ او، وڏو منشي، سنتري معطل |
لاڙڪاڻو/ ڏوڪري: باقراڻي ٿاڻي جي لاڪپ مان ڦاهو لڳل لاش هٿ اچڻ واري معاملي جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او وڏي منشي نائيٽ انچارج سنتري کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او باقراڻي گلزار ٻرڙو وڏو منشي جهان شاھ نائيٽ انچارج منظور بگٽي ۽ سنتري مبشر مير سميت چئن ڄڻن کي معطل ڪري ڇڏيو ان حوالي سان ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري جو چوڻ هو ته واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي، ڊي ايس پي ڏوڪري مير امداد علي ٽالپر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس روپوش ۽ گهربل جوابدار زبيدالله لاشاري کي گرفتار ڪري باقراڻي ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ رکيو هو، جتي هن پنهنجو رومال ڳچي ۾ وجهي ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته واقعي بابت لاڪ اپ ۾ موجود ٻئي جوابدار نويد جتوئي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن جو وڊيو بيان پڻ رڪارڊ ٿيل آهي،ڊي ايس پي موجب واقعي بعد باقراڻي پوليس سئنير سول جج ڏوڪري علي رضا کوکر کي لکت ۾ درخواست ڏني، جنهن بعد جج صاحب ٿاڻي تي پهچي واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو ۽ تفصيل معلوم ڪيا،آخري اطلاعن تائين واقعي بابت ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.
ڀاءُ ڏوهاري نه هو، پوليس آزاد ڪرڻ لاءِ 2 لک گھريا، نه ڏيڻ تان قتل ڪري ڇڏيو: عبيدالله لاشاري
باقراڻي: فوتي جي ڀاءُ عبيدالله لاشاري ٻڌايو ته سندس ڀاءُ تي رشيد وڳڻ ٿاڻي تي ذاتي نوعيت جو ڪيس داخل ٿيل هو، جيڪو ڀائرن جي وچ ۾ ٺاهه ٿيڻ بعد ختم ٿي چڪو هو، پوليس ڀاءُ کي آزاد ڪرڻ عيوض ٻه لک رپيا گهريا، رقم نه ڏيڻ تي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو،وارثن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ملوث پوليس عملدارن کي سخت سزا ڏني وڃي ۽ کين انصاف فراهم ڪيو وڃي،
نوجوان جي وارثن جو ٽراما سينٽر لاڙڪاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو
لاڙڪاڻو: باقراڻي ٿاڻي جي لاڪپ ۾ مبينا ڦاهو کاڌل نوجوان زبير لاشاري جي لاش هٿ اچڻ واري معاملي کان پوءِ نوجوان جي وارثن پوليس خلاف ٽراما سينٽر ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي ان حوالي سان فوتي نوجوان جي ڀاءُ عبيد الله لاشاري جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن باقراڻي پوليس ڀاء زبير لاشاري کي گرفتار ڪري وئي هئي هن الزام لڳائيندي چيو ته باقراڻي پوليس ڀاء جي آزادي جا لکين روپيه رشوت گهري وئي هئي جيڪا نه ڏيڻ جي صورت ۾ باقراڻي پوليس ڀاء کي تشدد ڪري قتل ڪيو آهي هنن پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي زبير لاشاري جي خون سان انصاف ڪيو وڃي،