| باقراڻي ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ نوجوان تشدد ڪري قتل ڪرڻ جو الزام: لاش رکي ڌرڻو |
لاڙڪاڻو/باقراڻي (رپورٽ: نادر ابڙو+ برڪت بلوچ) باقراڻي ٿاڻي جي لاڪ اپ مان گرفتار نوجوان زبيدالله عرف زبير لاشاري جو ڦاهو لڳل لاش هٿ اچڻ واري واقعي بعد پوليس ۽ فوتي جي وارثن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته وارثن پاران پوليس تي تشدد بعد قتل ڪرڻ جا سنگين الزام لڳايا ويا آهن، باقراڻي تعلقي ڳوٺ عبدالله لاشاري جي رهواسين پاڪ ڪتاب کڻي ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ ڦاهو لڳل لاش هٿ اچڻ واري واقعي خلاف نوجوان جو مڙھ پريس ڪلب اڳيان رکي احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ٻي طرف فوتي زبيدالله عرف زبير لاشاري جو مڙهه جنازي نماز بعد مقامي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ڳوٺ عبدالله لاشاري ۾ وڇايل فوتي جي تڏي تي فوتي جي ڀاءُ عبيدالله لاشاري، پيرسن امڙ ۽ ٻين وارثن هادي بخش لاشاري، عبدالغني لاشاري، حاجي احمد خان لاشاري احتجاج ڪندي چيو ته پوليس هڪ ڏينهن اڳ صبح جو 10وڳي زبيدالله لاشاري کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪري ڳري رشوت نه ڏيڻ ڪري تشدد ڪري کيس قتل ڪيو ويو، هنن چيو ته هاڻي پوليس پاڻ کي بچائڻ لاءِ خودڪشي جو ڊرامو رچائي نوجوان جو خون لڪائڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي، جيڪو سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي،وارثن الزام هنيو ته پوليس هڪ قيدي کان زبردستي ويڊيو بيان رڪارڊ ڪرائي پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هنن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن زبيدالله لاشاري لاڪ اپ ۾ پاڻ کي ڦاهي ڏئي رهيو هو ته ساڻس گڏ موجود قيدي بروقت ڇو نه روڪيو يا پوليس کي اطلاع ڇو نه ڏنو، هنن چيو ته سڄو معاملو پوليس جو اڳواٽ تيار ڪيل ڊرامو لڳي ٿو،وارثن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي شفاف ۽ غير جانبدار جاچ ڪرائي وڃي ۽ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي.
| ننڊ مان جاڳيس ته زبيد الله کي ڦاهو لڳل هيو: قيدي جو بيان |
باقراڻي: فوتي سان گڏ لاڪ اپ ۾ موجود قيدي نويد جتوئي جو هڪ ويڊيو بيان به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هن چيو ته “مان ننڊ مان جاڳيس ته ڏٺم زبيدالله لاشاري کي ڦاهو لڳل هو، جنهن بعد مون رڙيون ڪري پوليس وارن کي سڏ ڪيو.
ميڊيڪل رپورٽ ۾ جوابدار تي تشدد جا ڪي به ثبوت نه مليا آهن: ڊي ايس پي امداد ٽالپر
باقراڻي: انچارج ڊي ايس پي امداد ٽالپر ٻڌايو ته پوليس پاران فوتي جوابدار تي ڪو به تشدد ناهي ڪيو ويو ،هن چيو ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ به تشدد جا ڪي واضح ثبوت ناهن مليا،ڊي ايس پي موجب پوليس لاش کي پاڻ نه لاٿو، بلڪه پوليس جي درخواست تي سينيئر سول جج ڏوڪري باقراڻي ٿاڻي تي پهچي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو، تفصيل ورتا ۽ بعد ۾ لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو،هن وڌيڪ چيو ته لاڪ اپ ۾ موجود قيدي نويد جتوئي پڻ سينيئر سول جج کي بيان ڏنو آهي ته فوتي پاڻ کي ڦاهي ڏني، جڏهن ته وارث پوليس تي بنياد الزام هڻي رهيا آهن.