باقراڻي ۾ جهيڙي واٽ ويندڙ نوجوان کان حياتي کسي ورتي

مَي 29, 2023

باقراڻي ( ن پ و) باقراڻي ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙي واٽ ويندڙ کان حياتي کسي ورتي، مڙهه گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو

ڳوٺ گنجا تنيو ۾ پيسن جي ڏيتي ليتي جي معاملي تان پنهور ۽ سانگي برادري ۾ جهيڙي ۾ فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل راھگير نوجوان رحيم ولد ايوب پنهور لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جنهن جو مڙھ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو

رابطو ڪرڻ تي باقراڻي پوليس ٻڌايو ته ڳوٺ گنجا تنيا ۾ پنهور ۽ سانگي برادري جي ڌرين وچ ۾ ٿيل جھيڙي جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان رحيم پنھور فوت ٿي ويو آهي، جاچ کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويندو

لاڳاپيل پوسٽون

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي