باقراڻي ۾ زميني تڪرار تان ويڙهاند، ڇتي فائرنگ، ڳوٺاڻو قتل، هڪ ڄڻو زخمي

باقراڻي ۾ زميني تڪرار تان ويڙهاند، ڇتي فائرنگ، ڳوٺاڻو قتل، هڪ ڄڻو زخمي

باقراڻي(ن پ ا) باقراڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ زميني تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، ڇتي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، هڪ ڄڻو زخمي،ڌريون مورچا بند، ڪچي واري هٽڙي غلام شاهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد موسيٰ ٻرڙو ۾ ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين عمران ٻرڙو ۽ اسلم ٻرڙو ڌرين ۾ زميني تڪرار واري معاملي تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ ۾ عمران ٻرڙو جو  ڀاءُ 40 ورهين جو علي ڏنو عرف جانب ٻرڙو گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو، جڏهن ته نوجوان نديم ٻرڙو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس دير سان واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، ان حوالي سان پوليس جو چوڻ هو ته ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ويجھا عزيز آهن، زمين جو تڪرار هلندڙ آهي،وڌيڪ خونريزي کي روڪڻ لاءِ ڳوٺ ۾ پوليس مقرر ڪئي وئي آهي.