باقراڻي ۾ ناري جو گوليون لڳل لاش هٿ
جُولاءِ 1, 2025
باقراڻي (پنهنجي ڊيسڪ) باقراڻي جي ڳوٺ مڏباهو ۾ 16 ورهين جي ناري جو گهر ۾ گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي.
باقراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مڏباهو ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي ثمرين ڌيءَ علي مراد هيسباڻي کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو،
واقعي جو اطلاع ملڻ تي باقراڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڏوڪري اسپتال پهچايو،
هوڏانهن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي باقراڻي پوليس ٻڌايو ته ڳوٺ مڏباهو ۾ واقعو پيش آيو آهي، گھر ۾ ناري جو گوليون لڳل لاش هٿ ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ ڏوڪري اسپتال منتقل آهي، واقعي جي مختلف پاسن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.