| باقراڻي ۾ ڪٺ: زبيدالله لاشاري واقعو عدالت کان مٿانهون قتل قرار |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان باقراڻي ٿاڻي جي لاڪ اپ مان نوجوان زبيدالله لاشاري جو ڦاهو لڳل لاش هٿ اچڻ واري معاملي تي لاشاري برادري جي ماڻهن طرفان وڏي وزير ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر کي شڪايت ڪرڻ ۽ انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ لائحه عمل جوڙي قانوني رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،ان حوالي سان چڱن مڙسن غلام مصطفيٰ لاشاري، غلام رسول لاشاري، سنڌ لاشاري اتحاد جو چيئرمين غلام علي لاشاري، مسلم لاشاري، زاهد لاشاري،احمد خان لاشاري سميت ٻين اڳواڻن ڳوٺ عبدالله لاشاري پهچي نوجوان زبيد الله لاشاري جي وارثن ڀاءُ عبدالغني لاشاري، واجد عباس لاشاري ۽ ٻين سان ملاقات ڪري واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي نوجوان جي وارثن شڪايت ڪئي ته نوجوان زبيدالله لاشاري کي پوليس حراست ۾ قتل ڪري واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏنو ويو آهي، مسلسل احتجاج جي باوجود پوليس واقعي جو ڪيس داخل نه پئي ڪري جنهن تي لاشاري برادري جي سردارن نوجوان جي وارثن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي. ان موقعي تي غلام مصطفيٰ خان لاشاري چيو ته ڪنهن سان ڪا به ناانصافي نه ٿيندي ۽ وارثن کي انصاف ملندو ڇاڪاڻ نوجوان پوليس حراست ۾ نوجوان فوت ٿيو آهي ته اِها پوليس جي غفلت آهي.هن وڌيڪ چيو ته ائين ناهي ته اسان جي برادري جي ماڻهن کي ڪير ماري، ڪنهن جي پيءُ جي جاگير ناهي، وڏي وزير سان ملاقات ڪري مسئلي بابت آگاهي ڏيندس.ٻي طرف آل پاڪستان لاشاري بلوچ هيومن رائيٽس جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امداد حسين لاشاري چيو ته پوليس پنهنجي عدالت لڳائي نوجوان کي گرفتار ڪرڻ بعد بغير ڪنهن چالان ڪرڻ جي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن سبب نوجوان جي جان هلي وئي.