بالي ووڊ اداڪاره رشميڪا منڊانا شوٽنگ دوران زخمي

بالي ووڊ اداڪاره رشميڪا منڊانا شوٽنگ دوران زخمي

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪاره رشميڪا منڊانا’ميسا‘ فلم جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پئي، ڊاڪٽرن کيس ڇهن هفتن تائين مڪمل آرام ڪرڻ ۽ باقاعده علاج ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. زخم سبب رشميڪا فلمن جي شوٽنگ  ڪينسل ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب رشميڪا هڪ ڊانس سين جي عڪسبندي ڪرائي رهي هئي، انهي دوران سندس ڪلهي جو جوڙ سخت متاثر ٿيو، ڊاڪٽرن معائني بعد کيس مڪمل آرام سان گڏ ٿراپي جو مشورو ڏنو آهي، ڊاڪٽرن چيو ته اداڪاره کي مڪمل صحتياب ٿيڻ تائين باقاعده علاج ۽ فزيوٿراپي مان گذرڻو پوندو، مڪمل بحاليءَ کانپوءِ ئي کيس  فلمن جي شوٽنگ جي اجازت ڏني ويندي. رشميڪا منڊانا تازو اداڪار وجي ديورا ڪونڊا سان شادي ڪئي هئي، جنهن بعد هن پنهنجي فلم ’ميسا‘ جي شوٽنگ ٻيهر شروع ڪئي هئي. ٻئي طرف رشميڪا منڊانا جي فلم ’رن بالي‘ به رليز جي تيارين جي مرحلي ۾ آهي، جنهن کي سيپٽمبر ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو، انهي فلم ۾ هوءَ پنهنجي مڙس وجي ديوراڪونڊا سان گڏ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي.