بالي ووڊ: اداڪاره سونم ڪپور ٻئي پٽ کي جنم ڏنو

بالي ووڊ: اداڪاره سونم ڪپور ٻئي پٽ کي جنم ڏنو

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪاره سونم ڪپور ٻئي پٽ کي جنم ڏنو آهي، سونم ڪپور پنهنجي گهر ۾ ننڍڙي مهمان جي آمد جي خوشخبري انسٽاگرام ذريعي مداحن سان شيئر ڪئي.هن پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته اسان کي پنهنجي پٽ جي پيدائش جو اعلان ڪندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. اداڪاره لکيو ته اسان جو خاندان وڏو ٿيو آهي،  اسان جون دليون به اسان جي پٽ جي آمد سان وڌيون آهن. سونم وڌيڪ لکيو ته وايو پنهنجي ننڍي ڀاءُ جو استقبال ڪندي تمام گهڻو خوش آهي،  اسان به نئين مهمان جي آمد تي تمام گهڻا خوش آهيون، جنهن اسان جي گهر کي خوشي ۽ وقار سان ڀريو آهي، ياد رهي ته سونم ڪپور مئي 2018 ۾ آنند آهوجا سان شادي ڪئي هئي، کيس آگسٽ 2022 ۾ پهريون پٽ پيدا ٿيو هو، جنهن جو نالو ‘وايو’ ( هوا )رکيو ويو هو.