بالي ووڊ: اداڪاره صاحبه بالي ارجن ڪپور سان ڊيٽنگ جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي!

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار ارجن ڪپور سان ڊيٽنگ جي افواهن تي اداڪاره صاحبه بالي خاموشي ٽوڙي ڇڏي، ڀارتي ميڊيا موجب ارجن ڪپور ۽ صاحبه بالي هڪ ئي وقت نظر اچڻ تي اڄڪلهه خبرن جي زينت بڻيل آهن. ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻئي اداڪار لنڊن جي لارڊز ڪرڪيٽ گراؤنڊ ۾ ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ ون ڊي ميچ دوران گڏ نظر آيا. ٻنهي اداڪارن جي تصوير وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڊيٽنگ جون ڳالهيون شروع ٿي ويون، جنهن تي اداڪاره صاحبه بالي پنهنجو ردعمل ڏنو آهي. اداڪاره انسٽاگرام تي پنهنجي ۽ ارجن ڪپور سان گڏ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته “هر شيءِ تي يقين نه ڪيو وڃي.” ان سان گڏ ئي اداڪاره تصوير تي ‘پارٽ ٽو’ به لکيو، جنهن جو سبب اهو آهي ته ان کان اڳ اداڪاره جي هڪ تصوير وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ کيس اداڪاره انوشڪا شرما سمجهيو ويو هو.