بالي ووڊ: اداڪاره موني راءِ ۽ سورج نمبيار جون راهون جدا

بالي ووڊ: اداڪاره موني راءِ ۽ سورج نمبيار جون راهون جدا

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪاره موني راءِ ۽ سندس مڙس سورج نمبيار ۾ عليحدگي جا افواهه سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهياآهن. تازو جوڙي انسٽاگرام تي هڪٻئي کي اَن فالو (unfollow) ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ سندن لاڳاپن بابت سوال اٿڻ لڳا آهن. موني راءِ ۽ سورج نمبيار جنوري 2022 ۾ شادي ڪئي هئي، اهي شادي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪٻئي سان تصويرون ۽ محبت ڀريا پيغام شيئر ڪندا رهيا آهن.