| بالي ووڊ: اداڪاره پارول گلاٽي سان به لکن جو فراڊ |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪاره ۽ ڪاروباري شخصيت پارول گلاٽي دعويٰ ڪئي آهي ته سندس بينگلور واري اسٽور جي ٻن ملازمن 8 لکن جي هيرا ڦيري ڪئي آهي. اداڪاره سوشل ميڊيا تي وڊيو شيئر ڪندي ٻڌايو ته کيس انهي مامري سبب ٿاڻي تي سڄو ڏينهن گذارڻو پيو. پارول گلاٽي موجب کيس ڪافي وقت کان اسٽور جي حساب ڪتاب ۾ بي ضابطگين جو شڪ هو، اسٽور جي اوچتي ڪيل دوري دوران مبينا فراڊ سامهون آيو.سندس چوڻ هو ته اسٽور مينيجر اعتراف ڪيو آهي ته هن لڳ ڀڳ 8 لک رپين جي خرد برد ڪئي آهي، جڏهن ته سيلز ايگزيڪيوٽو خاتون اڃا تائين مفرور آهي. هن چيو ته ٻئي ملازم سندس ڪمپنيءَ جون پراڊڪٽس وڪڻندا هئا، گراهڪن کان ملندڙ رقم ڪمپنيءَ بدران پنهنجن ذاتي بينڪ اڪائونٽن ۾ منتقل ڪندا هئا، گلاٽي موجب اهو سلسلو ڇهن مهينن تائين جاري رهيو، جنهن سان ڪمپنيءَ کي مالي نقصان پهتو.