| بالي ووڊ: اداڪار اشيش وديارٿي ۽ سندس زال حادثي ۾ زخمي |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار اشيش وديارٿي ۽ سندس زال روپالي روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيا. ميڊيا موجب گوهاٽي ۾ اشيش وديارٿي ۽ سندس زال روپالي پاران روڊ پار ڪرڻ دوران موٽرسائيڪل ٽڪرائجي ويو. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ اشيش وديارٿي چيو ته کيس معمولي زخم آيا آهن، سندس زال کي احتياط طور تي نگراني ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته روپالي ۽ آئون روڊ ڪراس ڪري رهيا هئاسين ته هڪ موٽرسائيڪل اسان سان ٽڪرائجي ويو ، اسان کي معمولي زخم آيا آهن،اکين ڏٺن شاهدن موجب موٽرسائيڪل سوار پاڻ به سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي گوهاٽي ميڊيڪل ڪاليج اسپتال منتقل ڪيو ويو.