| بالي ووڊ جي بلبل ماهيما کي بريسٽ ڪينسر جو انڪشاف |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪاره ماهيما چوڌري انڪشاف ڪيو آهي ته 2022 ۾ معمول جي چيڪ اپ دوران کيس بريسٽ ( ڇاتي ) ڪينسر جي تشخيص ٿي هئي. بريسٽ ڪينسر ڪانفرنس 2025 کي خطاب ڪندي ماهيما چوڌري هر عمر جي عورتن کي باقاعده طبي اسڪريننگ ڪرائڻ جو مشورو ڏيندي پنهنجو تجربو پڻ شيئر ڪيو. ماهيما چيو ته ‘2022 ۾ معمول جي چيڪ اپ دوران بريسٽ ڪينسر جي تشخيص منهنجي لاءِ حيران ڪندڙ هئي، ماهيما موجب، 3 سال اڳ آئون بريسٽ ڪينسر جي اسڪريننگ لاءِ نه پر سالياني چيڪ اپ لاءِ وئي هيس، ڇاڪاڻ ته مون ۾ ڪا به علامت نه هئي، جيڪا ظاهر ڪري ته مون کي بريسٽ ڪينسر آهي.’