بالي ووڊ جي لياري گينگ وار تي فلم “ڌريندر” تڪراري بڻجي وئي: بينظير جون تصويرون شامل    

بالي ووڊ جي لياري گينگ وار تي فلم “ڌريندر” تڪراري بڻجي وئي: بينظير جون تصويرون شامل    

ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) رنوير سنگهه جي نئين فلم “ڌريندر”ٽريلر رليز ٿيڻ شرط تڪراري بڻجي وئي، جنهن تي نه رڳو پاڪستان  پر هندستان ۾ به ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي. هن ڀيري بالي ووڊ جي فلمسازن ڪراچي جي علائقي لياري جي تخيلاتي ۽ غير حقيقي ڪهاڻي کي موضوع بڻايو آهي . فلم ۾ ايس پي چوڌري اسلم ۽ گينگسٽر رحمان ڊڪيٽ جهڙا حقيقي ڪردار ڏيکاريا ويا آهن آديته ڌر جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ۾ رنوير سنگهه هڪ ڀارتي جاسوس جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. جنهن کي لياري ۾ موڪليو وڃي ٿو، انهي فلم ۾ ارجن رامپال ميجر اقبال جي ڪردار ۾ نظر ايندو، فلم ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پاڪستاني سياست سندس اجازت کانسواءِ ناهي هلندي، پاڪستان مخالف فلم ۾ اڳوڻي وزيرعظم شهيد بينظير ڀٽو جون تصويرون ۽ پ پ جا جهنڊا به شامل آهن، فلم ۾ اڪشي کنا رحمان ڊڪيٽ جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن کي فلم ۾ “ايپڪس پريڊيٽر” جو لقب ڏنو ويو آهي،  جڏهن ته سنجو بابا (سنجي دت) وري  ڪراچي جي دهشتگردي جي روڪٿام واري کاتي جي پوليس  آفيسر چوڌري اسلم جي ڪردار  (دي جن) ۾ نظر ايندو. فلم جي ٽريلر ۾ ڪيترائي سوال اٿاريا ويا آهن ته لياري کي ڪهڙي بنياد تي جنگي علائقي طور ڏيکاريو ويو؟ ڇاڪاڻ ته فلم ۾ ڏيکاريل ڪهاڻي جي برعڪس رحمان ڊڪيٽ ۽ شهيد چوڌري اسلم ڪراچي جي گينگ وار ۽ پوليس مقابلن تائين محدود هئا. فلم جي ڪهاڻي ۾ 1999 جي قنڌار جهاز هاءِ جيڪنگ جهڙن واقعن جا مبهم حوالا پڻ شامل آهن.