| بالي ووڊ جي پوپري نورا فتحي سان حادثو: اسپتال داخل |
ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور ڊانسر ۽ اداڪاره نورا فتحي حادثي جو شڪار: اسپتال داخل، رپورٽن موجب نورا فتحي آمريڪي ڊي جي ڊيوڊ گيٽا جي سن برن ڪنسرٽ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وڃي رهي هئي ته شرابي ڊرائيور سندس ڪار کي ٽڪر هنيو، حادثي کانپوءِ، نورا جي ٽيم کيس ويجهي اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن سي ٽي اسڪين ڪري اندروني زخمن يا رت وهڻ جي امڪان کي رد ڪيو. ڊاڪٽرن تصديق ڪئي ته نورا کي معمولي ڌڪ لڳو آهي. ڊاڪٽرن نورا کي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو پر نورا ڪنسرٽ ۾ وڃڻ ۽ پنهنجي پرفارمنس مڪمل ڪرڻ تي اصرار ڪيو. حادثي کانپوءِ نورا جي ڪار جي تصوير پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي.