بالي ووڊ: زرين خان جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي

بالي ووڊ: زرين خان جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪاره زرين خان جي ماءُ پروين خان ڊگهي بيماري کانپوءِلاڏاڻو ڪري وئي. خانداني ذريعن موجب زرين خان ۽ ثنا خان جي ماءُ جي جنازي نماز ممبئي جي ورسووا واري علائقي ۾ ادا ڪئي ويندي. زرين خان ڪجهه وقت کان مداحن کي پنهنجي ماءُ جي بيماري بابت آگاهه ڪري رهي هئي. هن سال فيبروري ۾ هن سوشل ميڊيا تي ٻڌايو هو ته سندس ماءُ جي حالت ٻيهر خراب ٿي وئي آهي، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.