بالي ووڊ: سلمان خان پاران 16 ڪلو وزن گهٽائڻ جو انڪشاف

بالي ووڊ: سلمان خان پاران 16 ڪلو وزن گهٽائڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ اسٽار سلمان خان 16 ڪلو وزن گهٽائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. تازو سوشل ميڊيا تي وڊيوز وائرل ٿيون، جن ۾ سلمان خان کي ڪمزور ڏيکاريو ويو، جنهن تي سلو جي مداحن لي پريشاني ٿي، هاڻ سلمان پنهنجي صحت بابت خدشن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي. تازو سلمان خان هڪ ريئلٽي شو ‘الائنس’ (Alliance) ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ سندس ننڍو ڀاءُ سهيل خان به موجود هو، ٻنهي ڀائرن وزن  گهٽائڻ بابت گفتگو ڪئي. سهيل خان ٻڌايو ته هن 12 ڪلو وزن گهٽايو آهي، موٽ ۾ سلمان انڪشاف ڪيو ته هن به 16 ڪلو وزن گهٽايو آهي.