| بالي ووڊ: سمانٿا روٿ پرڀو نومبر ۾ ماءُ بڻبي |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) ڏکڻ ڀارت جي فلم انڊسٽريءَ جي مشهور اداڪاره 39سالن جي سمانٿا روٿ پرڀو هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جي زينت بڻجي وئي آهي، پر هن ڀيري انهي جو سبب نئين فلم نه پر سندس ذاتي زندگيءَ سان جڙيل هڪ اهم خبر آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته سمانٿا پنهنجي پهرين ٻار جي آمد جون خوشيون ملهائڻ واري آهي. سمانٿا ۽ سندس فلمساز مڙس راج نديمورو پهرين ٻار جي اوسيئڙي ۾ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته نومبر يا ڊسمبر ۾ سندن گهر خوشين سان ڀرجي ويندو.