بالي ووڊ: سپرهٽ  فلم “ڀول ڀليان 4” جي تياري شروع

بالي ووڊ: سپرهٽ  فلم “ڀول ڀليان 4” جي تياري شروع

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ڪامياب هارر ڪاميڊي فرنچائيز ’ڀول ڀليان‘ جي چوٿين پارٽ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن. ميڊيا موجب پروڊيوسر ڀوشن ڪمار ۽ سندس ٽيم فلم جي چوٿين پارٽ جي ڪهاڻيءَ تي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. ذريعن موجب ’ڀول ڀليان 2‘ ۽ ’ڀول ڀليان 3‘ جي هدايتڪاري ڏيندڙ انيس بزمي چوٿين فلم جي هدايتڪاري ڏيندو، جڏهن ته  ڪارتڪ آريان به فلم جو حصو هوندو. رپورٽن موجب انيس بزمي هن وقت اڪشي ڪمار سان پنهنجي نئين فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، اها فلم مڪمل ڪرڻ بعد هو ’ڀول ڀليان 4‘ جي تياريءَ ڪندو،فلم جي شوٽنگ جولاءِ 2027 کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. ياد رهي ته ’ڀول ڀليان‘ جو پهريون پارٽ 2007ع ۾ اڪشي ڪمار جي مک ڪردار سان رليز ٿيو هو، پارٽ 2 ۽ 3 ۾ ڪارتڪ آريان ’روح بابا‘ جو ڪردار ادا ڪيو هو.