| بالي ووڊ: مرونال ٺاڪر ۽ ڌنيش جي شادي جون تياريون |
ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي اداڪاره مرونال ٺاڪر ۽ اداڪار ڌنيش جي شادي جون تياريون شروع ٿي ويون آهن. ميڊيا موجب اداڪاره مرونال ٺاڪر ۽ اداڪار ڌنيش 14 فيبروري تي ويلنٽائن ڊي تي شادي ڪري رهيا آهن. رپورٽن موجب جوڙي جي شادي هڪ خانگي تقريب هوندي، جنهن ۾ صرف ويجها خاندان ۽ دوست موجود هوندا. جيتوڻيڪ اڃا تائين ٻنهي اداڪارن ۽ سندن ٽيمن انهن خبرن جي تصديق يا ترديد نه ڪئي آهي، هن وقت ٻئي اداڪار پنهنجي ذاتي زندگي کي عوام جي نظرن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڪجهه مهينن کان مرونال ۽ ڌنيش گڏ نظر ايندا هئا، تازو مرونال ٺاڪر وضاحت ڪئي آهي ته ڌنيش سندس سٺو دوست آهي. واضح رهي ته سن آف سردار 2 جي اسڪريننگ دوران مرونال ۽ ڌنيش هڪ ٻئي جا هٿ جهليندي نظر آيا. ياد رهي ته سال 2022 ۾، اداڪار ڌنيش ۽ سندس زال ايشوريا رجني ڪانت 18 سالن جي ڊگهي شادي کانپوءِ الڳ ٿي ويا هئا .