| بالي ووڊ ۾ پوڙهين اداڪارائن کي رومانٽڪ ڪردار نٿا ملن: ديا مرزا |
ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي اداڪاره ديا مرزا چيو آهي ته بالي ووڊ ۾وڏي عمر وارن مردن کي رومانوي ڪردار ملي ٿو پر بزرگ عورتن لاءِ ائين ناهي.
وي دي وومين ايونٽ ۾ ڳالهائيندي هن ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ عمر واري تعصب تي تنقيد ڪندي چيو ته عورتن کي عمر وڌڻ کانپوءِ رومانوي ڪردار نٿا ملن.هن چيو ته اڪثر مون کي اهڙن مرد اداڪارن سان ڪاسٽ ڪيو ويو، جيڪي 50، 60 يا 70 سالن جا هئا پر وڏي عمر وارين عورتن لاءِ ائين ڪاسٽنگ قطعي ناهي ٿيندي.ديا مرزا جو چوڻ هو ته 40 ورهين جي عمر ۾ بهترين ڪم باوجود کيس اهڙن اداڪارن سان ڪاسٽ ڪيو وڃي ٿو، جيڪي کانئس 20 کان 30 سال وڏا آهن.هن چيو ته اداڪارائن کي وڌندڙ عمر سان باوقار، بااختيار ۽ خواهش پٽاندر ڪردار ناهي ملندو.هن چيو ته فلمي دنيا تڏهن بهتر ٿي سگهندي، جڏهن مردن ۽ عورتن عمر جي فرق کان سواءِ برابر موقعا ملندا.هن ڀارتي سينيما ۾ هيرو ۽ هيروئن جي عمر ۾ فرق بابت چيو ته مون اڃا تائين 60 يا 70 سالن جي اداڪاره سان 40 سالن جو هيرو نه ڏٺو آهي.واضح رهي ته ديا مرزا اداڪاره، پروڊيوسر ۽ گڏيل قومن جي خيرسگالي بابت سفير پڻ آهي.