| بال ٽيمپرنگ مامرو: فخر زمان ٻن ميچن کيڏڻ تي مڙهيل پابندي خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي |
لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي يارهين ايڊيشن ۾ لاهور قلندرز جي نمائندگي ڪندڙ بيٽر فخر زمان پاڻ تي لڳل ٻن ميچن جي پابندي واري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کيس بال ٽيمپرنگ واري معاملي تي ڪوڊ آف ڪنڊيڪٽ جي ليول ٿري جي ڀڃڪڙي سبب ٻن ميچن لاءِ معطل ڪيو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته فخر زمان طرفان اپيل پي ايس ايل جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي وٽ جمع ڪرائي وئي آهي. اوپنر بيٽر جو چوڻ آهي ته بال سان ڇيڙ ڇاڙ واري ڪنهن به معاملي ۾ ملوث ناهيان، فيصلي خلاف اپيل جو حق آهي. انصاف چاهيان ٿو. ياد رهي ته بال ٽيمپرنگ وارو واقعو لاهور قلندرز ۽ ڪراچي ڪنگز جي ميچ دوران سامهون آيو هو، جنهن تي ميچ ريفري روشن ماهانما ٻڌڻي کانپوءِ پابندي جو فيصلو ٻڌايو هو.