| باني بابت پوري دنيا جي ميڊيا تي آواز اٿارينداسين: عليمه خان |
راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته پوري دنيا جي ميڊيا تي آواز اٿارينداسين، انهن کي وڏو فڪر آهي ته ڀارتي ميڊيا سان ڇو ڳالهايو؟ فيڪٽري ناڪي وٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته باني هڪ مهيني کان اڪيلائي ۾ گذاري رهيو آهي، اهي عمران خان جي خاندان سان ملاقات کان ڊڄن ٿا، هن وڌيڪ چيو ته اڄ لڳي ٿو ته انهن اڌ پنجاب جي پوليس هتي مقرر ڪري ڇڏي آهي، ايتري پوليس لڳائڻ جو آخر ڇا سبب آهي؟ انهن روڊن رستن تي گندو پاڻي هاريو آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهي آخر اسان کان ڊچن ڇو ٿا؟ هن وڌيڪ چيو ته ڀاءَ سان ملڻ جو اسان جو قانوني ۽ آئيني حق آهي،