| باني پي ٽي آءِ جي ڀينرن حڪومتي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيون |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عمران خان جي ڀينرن عليمه خان ۽ نورين نيازي ڊاڪٽر عظمه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي حڪومتي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو. عليم خان چيو آهي ته ڇا توهان سمجهو ٿا ته اسان کي جيل انتظاميا تي اعتبار ڪرڻ گهرجي. جڏهن سلمان صفدر اسان کي تفصيل ٻڌايا، اسان پريشان ٿي وياسين. عمران خان کي جيڪڏهن کنگهه به ٿيندي آهي ته ڊاڪٽر عظمي فوري پٺيان پئجي ويندي آهي ته هڪ انسان پاڻ چئي رهيو آهي ته سوچيو اُن جي حالت ڇا هوندي. باني چيئرمين چيو ته ٻن هفتن تائين چوندو رهيس ته مون کي نظر نٿو اچي، سپرنٽنڊنٽ کان پڇيو وڃي ته ايترا ڪيمرا لڳل هجڻ باوجود ان جي باني کي خبر نه پئي پوي ته باني پي ٽي آءِ کي نظر نه اچي رهيو آهي. عمران خان چئي رهيو آهي. اسان چئو ٿا ته هي ڪرمنل ايڪٽ آهي. عليمه خان چيو ته هن صورتحال ۾ باني چيئرمين سان اُن جا ذاتي ڊاڪٽر ۽ فيملي گڏ هجڻ گهرجي، اسان کي پيغام مليو آهي ته عمران خان شفا انٽرنيشنل اسپتال اسلام آباد مان علاج ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. چيو ويو ته ڪنهن ڀيڻ سان باني چيئرمين جي ملاقات نه ڪرڻ ڏني ويندي. اسان فوري ڊاڪٽر برڪي جو نالو ڏنو، پر انهن چيو ته ڊاڪٽر برڪي قبول ناهي. جيل انتظاميه چيو ته قاسم زمان موڪليو، اسان چيو ته اهو ته ڊاڪٽر به ناهي. محسن نقوي سريلنڪا وڃڻ کان اڳ چيو شفا انٽرنيشنل اسپتال ۾ علاج ٿيندو، اهو پيغام اسان کي ڏنو ويو. باني چيئرمين جي ذاتي ڊاڪٽر ۽ هڪ فيملي ميمبر موڪليو وڃي. هي ڪير ٿيندا آهن ٻڌائڻ وارا ته ڪير ويندو. اسان کي ميڊيا ذريعي ئي خبر پئي ته باني کي ڪيڏانهن وٺي پيا وڃن، اسان جي ڊاڪٽرن کي عمران خان تائين رسائي نه ڏني وئي، باني چيئرمين جو پيغام مليو آهي ته منهنجي ڀينرن کي چئو منهن جي لاءِ آواز اٿاريو وڃي، منهنجي اک ٺيڪ ناهي. اسان عدالتن ۾ وڃي درخواستون ڏئي رهيا آهيون، باني چيئرمين لاءِ آواز اٿارينداسين. ڊاڪٽر عظمي چيو ته جيڪڏهن سڀ ڪجهه ائين آهي جيئن ٻڌائي رهيا آهن ته پوءِ اسان کي ملڻ ڇو نٿو ڏنو وڃي. ڪهڙي ڳالهه جو اُنهن کي خوف آهي.