| باني پي ٽي آءِ سان ملاقاتن تي پابندي وارو معاملو سينيٽ ۾ به پهچي ويو: اپوزيشن جو گوڙ: هنگامو |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اجلاس دوران اپوزيشن جماعت باني چيئرمين پي ٽي آءِ سان جيل ملاقاتن تي پابندي جو معاملو اٿاري ڇڏيو۔ سينيٽر فيصل جاويد جو چوڻ هو ته باني پي ٽي آءِ کي ڪيترن هفتن کان گهرڀاتين ۽ وڪيلن سان ملڻ نه پيو ڏنو وڃي، جيڪو انساني حقن ۽ جيل مينوئل جي سخت ڀڃڪڙي آهي۔ اپوزيشن باني پي ٽي آءِ سان ملاقات نه ڪرائڻ تي ايون ۾ شديد احتجاج پڻ ڪيو، جڏهن ته ساڳئي وقت گهريلو تشدد خلاف ۽ ٽرانسجينڊرز جي حق ۾ بِل به ايون مان پاس ٿي ويو۔ اجلاس چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو۔ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي سينيٽر فيصل جاويد الزام هنيو ته باني پي ٽي آءِ کي ڪيترن هفتن کان مڪمل طور اڪيلائيءَ ۾ رکيو ويو آهي۔ نه قانوني ٽيم ۽ نه ئي اُن جي خاندان کي ملڻ جي اجازت ڏني پئي وڇي۔ قيدين سان ملاقاتون روڪڻ جيل قانونن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي آهي، جنهن تي ايوان ۾ اپوزيشن سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو. مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري باني پي ٽي آءِ سان ملاقاتن واري معاملي تي ايوان ۾ چيو ته باني پي ٽي آءِ هن وقت پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ وي آءِ پي قيدي آهي۔ هن وٽ ديسي ڪڪڙ، پنهنجو باورچي ۽ ايڪسرسائيز مشين موجود آهي. پي ٽي آءِ وارا هاءِ ڪورٽ ۾ ويا آهن، ضمني چونڊون ته پي ٽي آءِ هارائي وئي آهي صرف هي ڊرامو ڪري رهيا آهن. سينيٽ گهريلو تشدد خلاف ۽ ٽرانسجينڊرز جي حقن بابت بل منظور ڪري ورتو، جيڪو شيري رحمان پيش ڪيو۔ بل جي منظوري تي جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ ايوان ۾ احتجاج ڪيو۔ شيري رحمان چيو ته پاڪستان جي سڀني صوبن ۾ اهڙا قانون اڳ ۾ موجود آهن ۽ هي قانون سازي ڪيترن سالن کان التوا ۾ هئي، جيڪا اڄ مڪمل ٿي آهي۔ بل کي جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضي غير شرعي قرار ڏيندي احتجاج طور واڪ آئوٽ ڪيو. ناڻي وزير پارليمينٽ جي ميمبرن جي بينڪ اڪائونٽس منجمد يا بند ٿيڻ بابت جان محمد جي توجهه ڏياريو نوٽيس کي سختي سان رد ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ميمبر جو انفرادي مسئلو آهي ته آگاهه ڪيو وڃي، ڪنهن به پارليامينٽرين جو بينڪ اڪائونٽ بند نه ٿيو آهي۔ ان کان پوءِ ايوان جي ڪارروائي جمعي جي صبح ساڍي ڏهين وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي.