باني پي ٽي آءِ سان ملاقات وارو مطالبو غير آئيني آهي، سهيل آفريدي صوبي تي ڌيان ڏي: وفاقي سرڪار

باني پي ٽي آءِ سان ملاقات وارو مطالبو غير آئيني آهي، سهيل آفريدي صوبي تي ڌيان ڏي: وفاقي سرڪار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءَ تارڙ سهيل آفريدي جي پي ٽي آءِ بانيءَ سان ملاقات جي مطالبي کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو، جاري ڪيل بيان ۾ عطاءَ تارڙ چيو آهي ته سهيل آفريدي جو سڄو ڌيان ڪرپشن ڪيس ۾ قيد ڪاٽيندڙ پي ٽي آءِ باني کان سياسي رهنمائي وٺڻ تي آهي، ڪي پي ۾ امن، ترقي ۽ عوامي رليف بدران پي ٽي آءِ قيادت ڏينهن رات اسلام آباد ۾ غيرقانوني بيانيي تي سياست ڪري رهي آهي، مبينا طور تحريڪ انصاف جي هڪ عورت سياستدان انتهائي ناڪاري حڪمت عملي تحت افغانستان کان هلندڙ پاڪستان دشمن اڪائونٽس ۽ ڀارتي ميڊيا تي خان صاحب جي حوالي سان مهم هلرائي ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهو عمل کلي پاڪستان دشمني آهي، ملڪ جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، تحريڪ انصاف کي گهرجي ته رياست ۽ عوام جي مفاد کي اڳيان رکي