اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني پي ٽي آءِ سان ملاقات لاءِ پي ٽي آءِ جي سينيٽرن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ باني پي ٽي آءِ سان خاندان جي ملاقات ڪرائڻ ۽ قيد تنهائي ختم ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. سينيٽر علي ظفر سميت 14 سينيٽرن طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي جي اڪيلائي واري قيد ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. خاندان جي باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ڪرڻ بنيادي حق آهي، جيڪو بحال ڪيو وڃي.