باهو کوسو لڳ هٿياربندن جو گهر تي حملو: فائرنگ ۾ 2 عورتون قتل

جُون 22, 2023

باھو کوسو(ن پ و) باهو کوسو لڳ ھٿياربندن گھر تي حملو ڪري هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ ۾ 2 عورتون قتل ٿي ويون جڏهن ته  ٻارڙي سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

بلوچستان جي علائقي بابا ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڳڙھي رحمان ۾ ھٿياربندن گھر تي حملو ڪري فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ محمد يوسف ڪٽوھر جون 2 گهرواريون ڪونجا خاتون ۽ مسمات راڻي خاتون فوت ٿي ويون جڏهن ته يوسف ڪٽوھر ۽ ان جي ڌيء جميلان خاتون زخمي ٿي پئي

 اطلاع تي بابا ڪوٽ ٿاڻي جي پوليس پھچي مقتول عورتن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال ڊيرامراد جمالي پھچايو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا

 مقتول عورتن جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو  جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناھي ٿي سگھيو

پوليس موجب ھٿياربندن يوسف ڪٽوھر جي گھر ۾ گھڙي فائرنگ ڪري ڪونجا خاتون ۽ مسمات راڻي خاتون کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته فائرنگ سبب يوسف ڪٽوھر ۽ ان جي ڌيء جميلان خاتون زخمي ٿي آھي

Leave A Comment