بايو ٽيڪنالاجي جا معجزا

جُولاءِ 11, 2023

                 بايو ٽيڪنالاجي اصل ۾ حياتيات ۽ ٽيڪنالاجي جو سنگم آھي، جنھن ۾ جاندارن يا انهن جي حصن کي استعمال ڪندي زراعت، طب/صحت، صنعت ۽ ماحوليات سان لاڳاپيل پيداوارن، عملن يا خدمتن کي بھتر بڻايو ويندو آهي. انهن مقصدن لاءِ ھن شعبي ۾ مختلف حياتياتي سائنسز جهڙوڪ جينيٽڪس، مائڪرو بايولوجي، بايو ڪيمسٽري ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو آھي. بايو ٽيڪنالاجي کي مختلف شاخن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جن ۾ طبي بائيو ٽيڪنالاجي، زرعي بايو ٽيڪنالاجي، صنعتي بايو ٽيڪنالاجي، ۽ ماحولياتي بايو ٽيڪنالاجي شامل آهن. ھن جي هر شاخ ۾ پنھنجا مخصوص ۽ مختلف اوزار ۽ طريقا استعمال ٿيندا آهن، جھڙوڪ: جينياتي انجنيئرنگ (جينياتي ھير ڦير)، ٽشو ڪلچر (ھٿراڌو ماس يا گوشت ٺاھڻ)، خمير (بيڪٽيريا، ييسٽ ۽ فنجي جاندارن کي استعمال ڪندي مختلف کاڌا، مشروب، ٻارڻ ۽ دوائون ٺاھڻ) ۽ بايو انفارميٽڪس (ھي گهڻ- شعبو طريقو آھي، جنھن ۾ حياتيات، ڪمپيوٽر سائنس، حساب ۽ شماريات کي استعمال ڪندي نامياتي توڙي غير نامياتي ماليڪيولن جو تجزيو ڪيو ويندو آھي) وغيرہ.

تاريخي پسمنظر:

بايو ٽيڪنالاجي جون پاڙون قديم زماني ۾ کتل آھن. جيتوڻيڪ دنيا جي قديم تھذيبن ۾ خميرجڻ وسيلي کاڌا ۽ مشروب ٺاھيا ويندا ھئا، پر ڊي اين اي (DNA) جي بناوت جي دريافت جو سھرو 1950ع جي ڏھاڪي ۾ جيمس واٽسن ۽ فرانسس ڪرڪ جي سر تي آھي، جنھن بدولت جينيٽڪ انجينئرنگ جو بنياد پيو. اڳتي ھلي 1970ع جي ڏھاڪي ۾ حياتياتي سائنسدان ڊي اين اي ۾ تبديلي آڻڻ جي قابل ٿيا، جنھن جي نتيجي ۾ اھي پھريون ڀيرو جين تبديل ڪيل جاندار (Genetically Modified Organisms -GMOs) ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿيا. اڄڪلهه ھن ٽيڪنالاجي بدولت 23andMe نالي سان ماڻھن جي جينياتي چڪاس جي ٽيسٽ ڪيليفورنيا جي پرائويٽ ڪمپني طرفان آنلائين ٽيسٽ ميسر آھي. ھاڻي اچو ته بايو ٽيڪنالاجي جي برپا ڪيل زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ معجزن تي الڳ الڳ نظر وجھون.

بايو ٽيڪنالاجي جا مختلف شعبن تي اثر:

جينيٽڪ انجينئرنگ:

بايو ٽيڪنالاجي منجهان جيڪو اھم شعبو ڦٽي نڪتو آھي، اھو جينيٽڪ انجينئرنگ آھي، جنھن وسيلي سائنسدان جاندارن جو نه رڳو جينياتي نقشو معلوم ڪري سگهن ٿا پر ان ۾ گهربل تبديلي پڻ ڪري سگهن ٿا. ھن سلسلي ۾ ماڻهن جي حوالي سان ڪيليفورنيا ۾ 23andMe آنلائين جينياتي چڪاس جي ھڪ ٽيسٽ ميسر آھي. ھن ٽيسٽ لاءِ توھان کي لاڳاپيل ڪمپني طرفان موڪليل دٻيءَ ۾ پنھنجي ٿُڪ (saliva) جو نمونو موڪلڻو پوندو. ھڪ يا ٻن هفتن ۾ توھان کي توھان جي ڊي اين اي ۾ جينياتي بيمارين جھڙوڪ سسٽڪ فائبروسس، سڪل سيل اينيميا، ڪنن يا سماعتي مسئلن، الزائيمر، پارڪنسن، ڪينسر وغيرہ جھڙين بيمارين جي موجود جينز يا خطرن بابت اڳواٽ آگاھي ملي سگهندي آھي. ان جو اھو مطلب ھرگز نه آھي ته ڪنھن بيماري جي جين جي موجودگي لازمي طور ان ماڻهو ۾ اھا بيماري پيدا ڪندي، ڇو ته اھڙو خطرو زندگي گذارڻ ۽ کاڌي کائڻ ۾ مناسب تبديلين سان ٽاري پڻ سگهجي ٿو. ان کان سواءِ جينياتي جوڙجڪ ۽ ذاتي خاصيتن کي نظر ۾ رکندي ان ماڻهوءَ لاءِ موزون پيشن جي چونڊ جون صلاحون پڻ ڏنيون وينديون آھن. جڳ مشھور تاريخدان ۽ فلسفي يووال نوح ھراري ھن ٽيسٽ جي حوالي سان ايترو پڻ چيو آھي ته مستقبل ۾ نوڪرين لاءِ اميدوارن کان پنھنجي سي وي جي جاءِ تي ڪمپنيون 23andMe جي رپورٽ گهرنديون! ھن سلسلي کي اڳتي وڌائيندي جينياتي سائنسدان ھن ڪوشش ۾ رڌل آھن ته اڄڪلهه جي لاعلاج جينياتي ۽ موروثي بيمارين جھڙوڪ انڌپڻ (blindness)، مدافعتي نظام جي بيمارين ۽ ڪينسر جي ڪجهه قسمن جي بيمارين کي لاڳاپيل بيمار جينز جي تبديلي وسيلي ختم ڪري سگهجي. ان کان سواءِ جينيٽڪ انجينئرنگ صحت/طب، زراعت ۽ ماحولياتي تحفظ ۾ معجزاتي ترقي ڪئي آھي. مثال طور جينياتي طور تبديل ڪيل ٻج ۽ فصل نه رڳو اپت وڌيڪ ڏين ٿا پر اھي نقصانڪار جيتن، بيمارين ۽ ماحولياتي سختين سان پڻ مقابلو ڪري سگهن ٿا.

ھڪ- ٽِڪ علاج ۽ دوائون:

بايو ٽيڪنالاجي جي مدد سان ھڪ مريض جي مخصوص جينياتي جوڙجڪ ۽ مدافعت جي نظام کي نظر ۾ رکندي ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ مضر اثرن وارو ھڪ- ٽِڪ علاج ۽ دوائون تجويز ڪري سگهجن ٿيون.

ھٿراڌو حياتيات:

ھٿراڌو حياتيات (synthetic biology) اصل ۾ حياتيات ۽ انجنيئرنگ جو اھڙو سنگم يا ميلاپ آھي، جنھن وسيلي سائنسدان ليبارٽري ۾ حياتي جا نوان حصا، نظام ۽ جاندار تيار ڪندا آھن. ھن وسيلي ديرپا حياتياتي ٻارڻ (biofuels)  توڙي اھڙا جاندار تيار ڪري سگهجن ٿا، جيڪي مخصوص ڪم ڪري سگهن. جھڙوڪ گند ڪچري يا آلودگي کي کائي ناس ڪرڻ وارا جاندار ٺاھڻ ۽ ڪارائتا مرڪب ٺاھڻ وغيره. ھتي اھو ٻڌائڻ دلچسپي کان خالي نه ھوندو ته ھن شعبي جي ڪاوشن جي نتيجي ۾ اڄ ڪلهه ھٿراڌو گوشت ليبارٽرين ۾ تيار ڪري مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ موڪليو ويندو آھي. ٻين لفظن ۾ گوشت لاءِ جانور پالڻ ۽ انهن کي ڪھڻ جي ضرورت نه رھي آھي، ڇو ته ليبارٽري ۾ ھٿراڌو گوشت ٺاھڻ لاءِ جانور جي گوشت جا ڪجھ جيوگهرڙا گهربل ھوندا آھن، جن جي ھٿراڌو ۽ جراثيمن کان پاڪ ماحول ۾ نشونما مان وڏي پيماني تي گوشت تيار ڪيو ويندو آھي. اھو گوشت زنده ته ھوندو آھي پر فقط گوشت جي صورت ۾ ھوندو آھي، يعني جانور جي صورت ۾ نه ھوندو آھي، جنھن جي ڪھڻ سان ان کي تڪليف ٿيندي ھجي. حياتي يا گوشت ٽن صورتن ۾ تيار ڪري سگهجي ٿو: شربت (پاڻياٺ اندر گوشت جي جيوگهرڙن جي الڳ الڳ نشونما ڪرڻ)، ٽشو (ماس يا گوشت) ۽ عضوو (لبلبو، دل، جيرو، بڪي، رت جون ناليون وغيرہ). ھن وقت سائنسدان اھي عضوا تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آھن، جيڪي مستقبل قريب ۾ ضرورتمند انسانن ۾ پيوند ڪري سگهبا.

بيمارين کان بچاءُ جا ٽڪا ۽ دوائون:

بايو ٽيڪنالاجي جو ھڪ اھم معجزو ٿوري وقت ۾ وبائي بيمارين جي بچاءُ جا ٽڪا ۽ علاج لاءِ دوائون تيار ڪرڻ پڻ آھي. تازو ڪووڊ- 19 جي پوري دنيا ۾ مفت ويڪسينيشن ھن جو اھم مثال آھي. ان کان سواءِ مختلف سينسرز کي استعمال ڪندي مختلف بيمارين جي تشخيص جي تڪڙين ميڊيڪل ٽيسٽن جي فراھمي پڻ بايو ٽيڪنالاجي جو ڪمال آھي.

ڊگھي حياتي يا موت تي فتح:

جيتوڻيڪ بايوٽيڪنالاجي ھن وقت ان قابل نه آھي، جو اھا انسان جي ديرينه خواھش يعني پاڻ کي خدائي صفتن جو حامل بڻائيندي ابدي حيات، ابدي حسن، ابدي جواني ۽ ابدي سرور جھڙن خوابن کي حقيقت جو روپ ڏئي سگهي، پر ھن جي ترقيءَ کي ڏسندي يووال نوح هراري مطابق ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ ٻن ڏھاڪن اندر انسان جون اھي حسرتون مستقبل جون حقيقتون بڻجڻ واريون آھن.

ماحولياتي تحفظ:

بايو ٽيڪنالاجي روايتي ٻارڻ جي متبادل طور بايوفيولس (biofuels) جھڙوڪ ايٿانول، بايوڊيزل ۽ بايوگيس کي متعارف ڪرايو آهي، جيڪي ٻوٽن ۽ گندگاهه مان مختلف طريقن سان ٺاھيا وڃن ٿا، جنھن سان ماحولياتي آلودگي تي ضابطو اچي سگهي ٿو.

تنقيد:

بايو ٽيڪنالاجي جيئن ته جانورن ۽ جاندارن جي جينيٽڪس ۾ ھيرا ڦيري جي ٽيڪنالاجي آھي، انڪري انسان پنھنجي مفاد لاءِ جانورن ۾ اھڙيون تبديليون ڪري چڪو آھي ۽ ڪري رھيو آھي، جو ھڪ پاسي انسانن کي ته گهربل فائدا حاصل ٿي رھيا آھن پر ٻئي پاسي وري لاڳاپيل جانورن جي زندگي عذاب بڻجي چڪي آھي ۽ بڻجي رھي آھي. اھو رويو يقيناً اخلاقيات جي ابتڙ آھي، ڇو ته ڪيمبرج اعلان مطابق ٺوس ثبوتن جي بنياد تي سائنسدانن جو اھو متفقه رايو آھي ته جانورن، پکين، مڇين ۽ ٻين ڪيترن ئي جاندارن ۾ انسانن جھڙا سور، تڪليف، خوشي، ڏک، ڪاوڙ وغيره جا جذبات ۽ احساسات موجود آھن، انڪري انھن کي تڪليف ڏيندڙ يا ڪھندڙ ماڻھو ان جو پاڻ ذميوار آهي. مثال طور، ھڪ پاسي بيضا ڏيندڙ ڪڪڙين ۾ جينياتي ھيرا ڦيري ڪري انهن کان صبح ۽ شام بيضا حاصل ڪيا ويندا آھن ته ٻئي پاسي وري انهن کي ھڪ مڪعب فوٽ جيتري جڳهه ۾ سڄي عمر لاءِ قيد ڪيو ويندو آھي!

نتيجو:

بايو ٽيڪنالاجي تيزي سان ترقي ڪندڙ شعبو آھي جيڪو زراعت، صحت، ماحوليات ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن تي اثرانداز ٿئي ٿو. ھڪ پاسي ھن جي ترقي ۾ انسانن لاءِ انيڪ فائدا موجود آھن ته ٻئي پاسي جينياتي ھير ڦير بي زبان جانورن جي زندگي کي عذاب بڻائيندڙ پڻ آھي. ان کان سواءِ انسانن ۾ جينياتي تبديلين سان لاڳاپيل اخلاقيات جا مسئلا ڌيان طلب ۽ حل طلب آھن!

Leave A Comment