باپ جا به ڏينهن پورا، بلوچستان عوامي پارٽي وکرجڻ لڳي

جُون 9, 2023

ڪوئيٽا (پنهنجي ڊيسڪ) بلوچستان ۾ 5 سال اڳ ٺاهيل بلوچستان عوامي پارٽي به وکرجڻ شروع ٿي وئي آهي، 2018ع جي چونڊن کان اڳ باپ وجود ۾ آئي هئي

بلوچستان عوامي پارٽي اليڪشن ۾ صوبي جي سڀ کان وڏي پارٽي طور سامهون آئي هئي ۽ اقتدار سنڀاليو هو پر ٽن سالن کانپوءِ پارٽي ۾ ڀڃ ڊاهه شروع ٿي وئي

پارٽي جي صدر ڄام ڪمال پنهنجي ئي پارٽي جي ايم پي ايز هٿان وزيراعليٰ جو عهدو وڃايو هو، هيل تائين پارٽي جي ٽن اسيمبلي ميمبرن سوڌو ڪيترائي اڳواڻ پارٽي کي الوداع چئي چڪا آهن

باپ جا 3 اسيمبلي ميمبر اليڪشن کان اڳ ئي پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي چڪا آهن جڏهن ته پ پ اڳواڻن جي دعويٰ آهي ته بلوچستان جو ايندڙ وزيراعليٰ جيالو هوندو، ذريعن موجب وڌيڪ اڳواڻ بلوچستان عوامي پارٽي کي ڇڏي سگهن ٿا

Leave A Comment