| باڊهه سپر ليگ: ڪنگز اليون شاهين کي هارائي ڇڏيو |
باڊھه (ن پ ا ) باڊھه سپر ليگ ٽورنامينٽ جو چوٿون رائونڊ ،باڊھه شاهين ۽ ڪنگز اليون وچ ۾ مقابلو، باڊھه شاهين کي 42 رنسن تان شڪت، باڊھه شاهين ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪنگز اليون کي بيٽنگ جو موقعو ڏنو، مقرر 10 اوورن ۾ ڪنگز اليون 8 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 140 رنسون ٺاهي سگهي ، ڪنگز اليون جي آصف ليفٽي 31 نواز کوکر 18 رنسون ٺاهيون، باڊھه شاهين طرفان جاويد جوڳي 3 ۽ عامر 2 وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب رهيا، باڊھه شاهين 10 اوور ۾ 9 وڪيٽن جي تي نقصان تي فقط 118 رنسون ٺاهي سگهي