| باڊهه ويجھو عورت اغوا معاملي تان گهرن تي حملو، فائرنگ ۾ ناري قتل، عورت سميت 6 ڄڻا زخمي |
باڊھه/ٿرڙي محبت (نمائندن وٽان) باڊھه ويجهو ڳوٺ سيھڙ ۾ ٻن ڳوٺاڻن گلزار ڀنڊ ۽ فدا حسين ڀنڊ جي گھرن تي هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب 22 ورهين جي ثناءُ ڌيءُ فدا حسين ڀنڊ قتل ٿي وئي، جڏهن ته مقتولا ناري جو والد، ڀيڻ ، ڀاءُ ۽ مائٽن سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ فدا حسين ڀنڊ، مسمات شريفان خاتون، بشير ڀنڊ، محمد بخش ڀنڊ ،جڏھن ته ٻئي گھر جا گل نذير ۽ گلزار ڀنڊ شامل آھن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان حوالي سان سيهڙ پوليس جو چوڻ هو ته فدا حسين ڀنڊ وارن جو ٿرڙي محبت ويجھو ويٺل قاسم ڀنڊ وارن سان سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ھو، جنھن تان واقعو پيش آيو آھي. جوابدارن جو تعلق دادو ضلعي سان آھي جن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.ٻئي طرف مقتولا ناري ثناءَ جي ڀاءُ اعجاز ڀنڊ پنهنجي اخبار کي موقف ڏيندي ٻڌايو ته اسان جي ماروٽ گلزار ڀنڊ ٿرڙي محبت واسڻ بيواهه خورشيده خاتون ڀنڊ سان 3 ڏينهن اڳ عورت جي امڙ جي رضامنديءَ سان شادي ڪئي هئي، جنهن تي جوابدار ڌر سان تعلق رکندڙ ناراض هئا، هن چيو ته اسان جو ان معاملي سان ڪو به تعلق نه آھي، جوابدارن بيگناهه اسان جي به گهر تي حملو ڪري انڌادنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ منهنجي ڀيڻ قتل ٿي وئي آھي، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.
| ٿرڙي محبت ٿاڻي تي بيواهه خورشيده جي اغوا جي اين سي داخل |
باڊهه: 3 ڏينھن اڳ ٿرڙي محبت ٿاڻي تي ڳوٺ مير محمد ڀنڊ جي رهواسڻ پنجن ٻارن جي ماءُ بيواه عورت مسمات خورشيده ڌي روشن علي ڀنڊ جي مبينا اغوا جي پنجن جوابدار گلزار ڀنڊ،ارشاد ڀنڊ،اعجاز ڀنڊ ۽ ٻين مٿان اين سي داخل ڪرائي وئي هئي.
رضا خوشي سان گلزار ڀنڊ سان نڪاح ڪيو آهي، مائٽ ملڪيت ڦٻائڻ چاهين ٿا، مارڻ جون ڌمڪيون پيون ملن: خورشيده خاتون
باڊھه: هڪ ڏينهن اڳ مسمات خورشيده خاتون ڀنڊ پنهنجي مڙس گلزار ڀنڊ ۽ ماءُ اميران خاتون سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام مڙهيو هيو ته سندن مائٽ ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ کيس مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ڏوڪري پريس ڪلب ۾ گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي خورشيده خاتون ڀنڊ چيو ته هن پنهنجي رضا خوشي ۽ ماءُ جي مرضيءَ سان گلزار ڀنڊ سان نڪاح ڪيو آهي، پر سندن مائٽ جن سان سندن ويجهو رشتو به ناهي سندن شادي ڪرڻ تان ڪاوڙيل آهن ۽ کين ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ھن جو چوڻ هو ته شاهد علي ڀنڊ، حبدار علي ڀنڊ، صاحب علي ۽ جاويد ڀنڊ سندن جان جا دشمن بڻيل آهن ۽ کين قتل جون ڌمڪيون به ڏئي رهيا آهن. خورشيد خاتون جو چوڻ هو ته ڪجهه مهينا اڳ سندس پهريون مڙس وفات ڪري ويو هو ۽ ان کان اڳ سندس پيءُ به لاڏاڻو ڪري چڪو آهي.