باڊهه ۽ سيهڙ پوليس ۾ پڪڙيل ڦورو جي حوالگيءَ تان جهيڙو، اهلڪار زخمي

جُولاءِ 17, 2023

باڊھه ( ن پ ا ) باڊھه ۽ سيهڙ ٿاڻن جي پوليس ۾ جوابدار جي حوالگيءَ ۽ حدبنديءَ تان منهن ماري، جهيڙو، هڪ اهلڪار زخمي

 ان سلسلي ۾ باڊھه ٿاڻي جي حد سيوهاڻي سڙڪ تي ڳوٺاڻي سڪندر گاڏهي کان هٿياربند موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي ڳوٺاڻن ۽ سيهڙ پوليس ڦورن جو پيڇو ڪري هڪ ڦورو سيهڙ واسي علي رضا ڪهيري کي پڪڙي ورتو

 اهڙي اطلاع تي باڊھه پوليس جا اهلڪار به واقعي واري هنڌ پهتا ۽  سهيڙ پوليس کي چيو ته توهان اسان جي حد مان ڦورو پڪڙيو آھي، پڪڙيل جوابدار اسان حوالي ڪريو جنهن تي سيهڙ پوليس ۽ باڊھه پوليس جي اهلڪارن وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي ۽ باڊھه پوليس جي اهلڪارن پاران سيهڙ پوليس کان گرفتار ٿيل جوابدارعلي رضا ڪهيري زوري کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

 جنهن دوران موٽر سائيڪل تان ڪرڻ سبب سيهڙ ٿاڻي جو ننڍو منشي بخت علي وگهيو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج لاءِ اسپتال نيو ويو، جڏهن ته پڪڙيل ڦورو کي سيهڙ پوليس حوالي ڪيو ويو پوليس پڪڙيل ڦورو کي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي

Leave A Comment