باڊھه (رپورٽر) باڊھه ۾ ايف آءِ اي ٽيم جي ڪاروائي، هنڊي جو غير قانوني ڪاروبار ڪندڙ 4 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا
ايف آءِ اي ٽيم شھر جي مين بازار ۾ انسپيڪٽر محمد زمان سومرو جي اڳواڻي ۾ واپاري علي رضا جانوري جي دڪان تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته شھرين ۽ دڪاندارن واپاري کي گرفتاري کان بچائي ورتو
ٽيم دوڪان ۾ موجود موبائل فون ۽ ٻيو رڪارڊ کڻي گهربل ماڻھن جي گرفتاري لاءِ باڊھه ٿاڻي تي پوليس جي مدد وٺڻ پهتي جتي شھرين ۽ دڪاندارن سان ڳالهين بعد هنڊي جي مبينا ڪاروبار ۾ ملوث 4 ڄڻن لال بخش جانوري، علي حيدر جانوري، ڪريم داد ٽاٽڙي ۽ علي گوهر کي ايف آءِ اي ٽيم گرفتار ڪري ورتو
دوڪاندارن پاران باقي هڪ جوابدار علي گل جانوري کي بعد ۾ حوالي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي
ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي انسپيڪٽر محمد زمان سومرو جو چوڻ هو ته ڄاڻايل ماڻھو هنڊي جو غير قانوني ڪاروبار ڪندڙ آھن ۽ هنن جو نيٽ ورڪ دبئي، سعودي عرب ۽ ٻين خليجي ملڪن تائين ڦهليل آھي، اسان هڪ ڳوٺاڻي جي نشاندهي تي ڪارروائي ڪئي آھي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي