باڪسر اينٿوني جوشوا سان نائيجيريا ۾ حادثو: 2 ساٿي فوت

باڪسر اينٿوني جوشوا سان نائيجيريا ۾ حادثو: 2 ساٿي فوت

ابوجا (اسپورٽس نيوز) مشهور برطانوي باڪسر اينٿوني جوشوا نائيجيريا ۾ هڪ ٽريفڪ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو.نائيجيريا پوليس موجب اينٿوني جوشوا جي ڪار روڊ تي بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي.حادثي دوران برطانوي باڪسر اينٿوني جوشوا کي معمولي زخم آيا، جڏهن ته ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا.هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ٻئي ماڻهو اينٿوني جي ٽيم جا ميمبر هئا.