باڪسنگ ڊي: ايشز جو چوٿون ميچ ٻن ڏينهن ۾ ختم: انگلينڊ جي 15 سالن بعد ڪينگروز کي شڪست

باڪسنگ ڊي: ايشز جو چوٿون ميچ ٻن ڏينهن ۾ ختم: انگلينڊ جي 15 سالن بعد ڪينگروز کي شڪست

ميلبورن (اسپورٽس نيوز) انگلش آسٽريلوي سرزمين تي 15 سالن جي ڊگهي انتظار کان پوءِ ٽيسٽ ميچ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ( ايم سي جي) ۾ کيڏيل ايشز سيريز جي چوٿين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن انگلينڊ ميزبان ٽيم کي 4 وڪٽن سان شڪست ڏئي سيريز جو خسارو 1-3 ڪري ڇڏيو.باڪسنگ ڊي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن آسٽريلوي ٽيم ٻي اننگز ۾ 132 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، اوپنر ٽريوس هيڊ 46 ۽ ڪپتان اسٽيو سمٿ 24 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
انگلينڊ جي برائيڊن ڪارز 4، بين اسٽوڪس 3 ۽ جوش ٽنگ 2 وڪيٽون ورتيون.انگلينڊ آسٽريلوي ٽيم طرفان مليل 175 رنسن جو هدف 6 وڪٽن جي نقصان تي 33 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو، جيڪب بيٿل 40 سان ٽاپ اسڪورر رهيو، زيڪ ڪرالي 37 ۽ بين ڊڪٽ 34 رنس ٺاهي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.آسٽريليا طرفان جهي رچرڊسن، اسڪاٽ بولينڊ ۽ مچل اسٽارڪ 2، 2 وڪيٽون ورتيون.ميچ جي پهرين اننگز ۾ پنج ۽ ٻي اننگز ٻه شڪار ڪندڙ انگلش فاسٽ بالر جوش ٽنگ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، انگلش ٽيم 15 ورهين ۽ 19 ٽيسٽ ميچن کان پوءِ آسٽريلوي سرزمين تي ٽيسٽ ميچ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي، جڏهن ته پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ميزبان ٽيم کي 1-3 جي فيصلائتي سرسي حاصل آهي.