| باگڙجي ۾ ڪارنهن تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، پيرسن قتل، پٽ زخمي |
سکر (بيورو رپورٽ) باگڙجي جي ڪچي واري علائقي ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي، پوليس ذريعن مطابق ڳوٺ نيباهو جتوئي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن الزام هيٺ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪئي. نتيجي ۾ 55 ورهين جو رسول بخش ولد فتح محمد جتوئي عرف بلي قتل ٿي ويو. جڏهن ته علي بهر ولد رسول بخش جتوئي فائرنگ سبب زخمي ٿي ويو، مقتول ۽ سندس پٽ زمين تي ڪم ڪري رهيا هئا ته اوچتو هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪئي. جنهن بعد مينهن ڪاهي هٿياربند فرار ٿي ويا. پوليس لاش پنهجي تحويل ۾ وٺي قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.