با اثرن پنهنجي عدالت لڳائي ڇڏي، ٻن نوجوانن کي ٻڌي وحشياڻو تشدد، وڊيو وائرل

جُولاءِ 24, 2023

ملير (رپورٽر) ريڙهي ڳوٺ ۾ با اثر ماڻهن پنهنجي عدالت لڳائي ڇڏي، ٻن نوجوانن کي سرعام چوڪ تي رسن سان ٻڌي تشدد ڪرڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻن نوجوانن کي رسن سان ٻڌي ڏنڊن سان تشدد ڪيو ٿو وڃي، چوڪ تي ٻڌل ماڻهن مان تشدد ٿيندو رهي ٿو ۽ اتي بيٺل هجوم ڏسندو رهي ٿو

ساڳئي علائقي ۾ ٻه هفتا اڳ به نوجوان کي سرعام تشدد جو نشانو بڻايو ويو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته با اثر منشيات فروش اڪثر ماڻهن کي تشدد جو نشانو بڻائيندا رهندا آهن، پوليس با اثرن خلاف ڪارروائي ناهي ڪندي

پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان تي تشدد جي وڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي

Leave A Comment