بجلي، مرغي، کير، گوشت، مرچ، آنا، ٿوم ۽ تيل مهانگا

بجلي، مرغي، کير، گوشت، مرچ، آنا، ٿوم ۽ تيل مهانگا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) هڪ هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.09 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته سالياني بنياد تي مهانگائي ۾ اضافي جي شرح 2.83 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. شماريات کاتي پاران هفتيوار بنياد تي مهانگائي جي جاري ڪيل انگن اکرن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ هفتي ۾ 13 شين جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو، 11 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي، 27 شين جون قيمتون مستحڪم رهيون، 200 گرام ڳاڙهي مرچ پائوڊر جي پيڪيٽ تي 20 روپيا، زندا مرغي جي في ڪلو قيمت ۾ 21 رپيا، بجلي في يونٽ چارجز 10 پيسا، ٿوم جي في ڪلو قيمت ۾ 6 رپيا، آنن جي درجن تي 2 رپيا ۽ دال مونگ في ڪلو 2 رپيا تائين مهانگائي رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته کير، مٽن، بيف، سرنهن جي تيل ۽ ويجيٽيبل گيهه جي اگهن ۾ پڻ اضافو ٿيو. شماريات کاتي مطابق هڪ هفتي ۾ پٽاٽا في ڪلو 7 رپيا ۽ ٽماٽا في ڪلو 6 رپيا گهٽتائي ٿي. کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ به 7 رپيا تائين گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. دال مهري، ايل پي جي گهريلو سلنڊر، بصر، ڳڙ ۽ اٽو سستا ٿيندڙ شين ۾ شامل آهن.