ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاران بجلي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف 2 سيپٽمبر تي ملڪگير هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي
جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته معاشي دهشتگردن جي ڪري ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي، بجلي جي بلز عوام جو متيون مُنجهائي ڇڏيون آهن، ٻڌايو وڃي ته عوام لاءِ بارودي سرنگون ڪنهن وڇايون آهن؟
هن چيو ته حڪومت جي ظالماڻن فيصلن کي نٿا مڃون، خبردار ڪريون ٿا ته ڳرا بلز واپس نه ورتا ويا ته حڪمرانن جي ڳچين ۾ هٿ پوندا
سراج الحق اعلان ڪيو ته 2 سيپٽمبر تي ملڪگير احتجاج ڪري حڪمرانن کي بجلي جا بلز واپس وٺڻ تي مجبور ڪنداسين