بجلي بحران شدت اختيار ڪري ويو: ڊسڪوز لوڊشيڊنگ جو مدو 14 ڪلاڪ تائين وڌائي ڇڏيو

بجلي بحران شدت اختيار ڪري ويو: ڊسڪوز لوڊشيڊنگ جو مدو 14 ڪلاڪ تائين وڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توانائي بحران سبب ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال بدترين شدت اختيار ڪرڻ لڳو. بجلي جو شارٽ فال ساڍا 6 هزار ميگاواٽ تائين پهچي ويو، ڪلاڪن تائين غير اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري. ذريعن مطابق مملڪ اندر موسمي شدت سبب ملڪ ۾ بجلي جي طلب 22 هزار ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي. ملڪ ۾ بجلي جي مجموعي پيداوار 15 هزار 400 ميگاواٽ آهي، سڀني ورڇ ڪار ڪمپنين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ڪلاڪ لوڊ مينيجمينٽ آهي. سڀني ڊسڪوز علائقن ۾ وڌ ۾ وڌ لوڊشيڊنگ جو دورانيون 14 ڪلاڪن تائين آهي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته درآمدي گئس تي هلندڙ سڀ پاور پلانٽس بند  آهن، فرنس آئل مان پيداوار به متاثر ٿي آهي. تنهن ڪري توانائي بحران سبب ڊسڪوز کي مقرر ڪيل ڪوٽا کان گهٽ بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. ذريعن مطابق پن بجلي ذريعن مان 1500 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. ٿرمل بجلي جي پيداوار 9250 ميگاواٽ تائين آهي، سولر پاور پلانٽس 400 ميگاواٽ، بيگاس مان 200 ميگاواٽ، ونڊ پاور پلانٽس 1200 ميگاواٽ، نيوڪليئر پاور پلانٽس مان 2850 ميگاواٽ  بجلي پئدا ٿي رهي آهي. شارٽ فال سبب ٻهراڙي وارا علائقا وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، لوڊشيڊنگ جو دورانيون 14 ڪلاڪ تائين پهچي ويو آهي. شهري علائقن ۾ لوڊشيڊنگ 10 کان 12 ڪلاڪ ٿي رهي آهي+
 

ڪوٽڙي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ، حيسڪو چيف آڏو احتجاج، آفيس بند

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي سائيٽ ۾ بجليءَ جي اڻ اعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف ايس يو پي ڪارڪن حيسڪو چيف آڏو احتجاج لاءِ پهچي ويا، ايڪسيئن ڪوٽڙي طرفان احتجاج ختم ڪرائڻ جي ڪوشش دوران ايڪسيئن ۽ ايس يو پي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ، منهن ماري. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪوٽڙي سائيٽ ۾ واقع ڪاٽي آفيس ۾ حيسڪو چيف جي آمد دوران ايس يو پي جا ڪارڪن پڻ بجليءَ جي اڻ اعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج لاءِ ڪاٽي آفيس پهچي ويا، جتي هنن ڪاٽي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي آفيس جو مک گيٽ بند ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ايس يو پي جي مقامي اڳواڻن اڪبر خاصخيلي، سرور ٻرڙو ۽ ٻين چيو تہ ڪوٽڙي سائيٽ ۾ بجليءَ جي اڻ اعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ معمول بڻيل آهي، جنهن ڪري علائقي واسي عذاب ۾ مبتلا آهن. هنن چيو تہ حيسڪو چيف ڪاٽي آفيس اچي رهيو آهي، ان جي آڏو احتجاج ڪري کيس حيسڪو جي مقامي عملدارن جي ڪرپشن بابت آگاهي ڏينداسين. هوڏانهن ايڪسيئن ڪوٽڙي اختيار ميمڻ حيسڪو چيف جي آمد کان اڳ ئي ايس يو پي ڪارڪنن وٽ ڳالهين لاءِ پهچي ويو، جنهن دوران ايڪسيئن ۽ ايس يو پي ڪارڪنن ۾ منهن ماري ٿي پئي ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. ان دوران حيسڪو ۽ ڪاٽي جي ذميوارن وچ ۾ پئي ڇڪتاڻ تي ڪنٽرول ڪري ورتو. جنهن بعد ايڪسيئن حيسڪو ايس يو پي ڪارڪنن سان ڳالهيون ڪري کين بجليءَ جي لوڊشيڊنگ گهٽائڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ڪارڪنن احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.
 

ڊيمن مان پاڻي جي گهٽ اخراج سبب پن بجلي پيداوار ۾ لاٿ
 

اسلام آباد: بجلي جي صورتحال بابت ترجمان پاور ڊويزن چيو آهي ته گذريل رات پن بجلي جي پيداوار ۾ 1991 ميگاواٽ جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن سبب ڊسڪوز کي اعلان کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪرڻي پئي. گذريل رات پيڪ وقتن ۾ لڳ ڀڳ 4500 ميگاواٽ جو شارٽ فال رهيو. ترجمان مطابق پن بجلي ۾ گهٽتائي جو سبب ڊيمز مان پاڻي جي گهٽ اخراج آهي، ڇو ته صوبن پاران پاڻي جي گهرج گهٽ آهي. پڌرائي ۾ پاور ڊويزن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هن وقت ارسا صوبن جي گهرج مطابق پاڻي جاري ڪري رهيو آهي، جڏهن ته برساتن ۽ فصلن جي ڪٽائي سبب پاڻي جو استعمال گهٽ ٿيو آهي. گذريل رات پيڪ وقتن ۾ مجموعي طلب 18000 ميگاواٽ هئي. ايندڙ ڏينهن ۾ ڊيمز مان پاڻي جي اخراج ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته لوڊ منيجمينٽ صرف رات جي وقتن ۾ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڏينهن جي وقت بجلي جي کوٽ نه هوندي آهي. آر ايل اين جي جي فراهمي سان صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري اچڻ جي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي. پن بجلي جي گهٽ پيداوار سبب اضافي لوڊشيڊنگ تي ترجمان عوام کان معذرت پڻ ڪئي.
 

بجلي چوري وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ 16 ڪلاڪ کان وڌي وئي
 

اسلام آباد: بجلي چوري وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ 16 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.  پاور ڊويزن گذريل ڏينهن پيڪ آورز ۾ سوا ٻه ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو اعلان ڪيو هو. سڀني ڊسڪوز علائقن ۾ لوڊشيڊنگ اعلان ڪيل وقت کان وڌيڪ ڪئي پئي وڃي،