بجلي بند ۽گرمي، برف به اڻلڀ، رهواسي ٿڌي پاڻي لاءِ پريشان

جُولاءِ 1, 2023

قمبر( رپورٽر) قمبر ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون سبب برف جي کوٽ وڌي وئي، رهواسي ٿڌو پاڻي پيئڻ لاءِ پريشان بڻيل آهن

 شھر سميت مختلف ڳوٺن مان آيل ماڻھو برف خريد ڪرڻ لاءِ چڪر ڪاٽڻ لڳا، اڪثر برف وڪرو ڪرڻ وارا دڪان بند پيل آهن

برف جا وڏا ڊيلر سکر، ميهڙ، ڪي اين شاھ مان برف جون وڏيون گاڏيون ڀرائي قمبر آڻي مهانگي اگهه تي وڪرو ڪرڻ لڳا آهن

برف جي دڪانن ٻاهران وڏي انگ ۾ ماڻھن جا برف حاصل ڪرڻ لاءِ ميڙا متل آهن، غريب ۽ پورهيت طبقي لاءِ برف خريد ڪرڻ به مشڪل بڻيل آھي

برف جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري سبب اڪثر ماڻھو شديد گرمي ۾ ٿڌي پاڻي کان به محروم بڻيل آھن

Leave A Comment