بجلي جو وڏو بحران: پيداوار ۾ 10 هزار ميگاواٽ لاٿ: شام کان رات هڪ وڳي تائين روزانو سوا 2 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو اعلان

بجلي جو وڏو بحران: پيداوار ۾ 10 هزار ميگاواٽ لاٿ: شام کان رات هڪ وڳي تائين روزانو سوا 2 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وچ اوڀر جي صورتحال سبب ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار سخت متاثر. ذريعن مطابق ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ۾ لڳ ڀڳ 10 هزار ميگاواٽ جي گهٽتائي رڪارڊ رڪارڊ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن بعد درآمدي ايل اين جي مان بجلي جي پيداوار 3600 ميگاواٽ تائين گهٽجي وئي آهي. درآمدي ڪوئلي تي هلندڙ ساهيوال پاور پلانٽ جي 1180 ميگاواٽ پيداوار بند ٿي وئي آهي. نيلم جهلم مان 979 ميگاواٽ پيداوار اڳ ئي سسٽم مان نڪري چڪي آهي، نندي پور پاور پلانٽ مان به 525 ميگاواٽ بجلي سسٽم مان نڪري وئي. ذريعن مطابق فرنس آئل مان 1500 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار به متاثر ٿي آهي. ملڪ ۾ هن وقت بجلي جو شارٽ فال 3500 ميگاواٽ تائين پهچي ويو. بجلي جي طلب 14000 ميگاواٽ جڏهن ته پيداوار 10500 ميگاواٽ رڪارڊ ٿي آهي. طلب ۽ پيداوار جي فرق سبب ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو دورانيون وڌي ويو آهي. ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ جاري آهي. لائين لاسز ۽ بجلي چوري وارن علائقن ۾ 16 کان 18 ڪلاڪ تائين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ٻئي طرف  پاور ڊويزن پيڪ آورز دوران روزانو سوا 2 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاور ڊويزن جي ترجمان پيڪ آورز رليف حڪمت عملي بابت بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت کي پيڪ آورز دوران کپت ۾ واڌ جو سڀ کان وڏو چيلينج درپيش آهي، شام 5 وڳي کان رات 1 وڳي تائين روزانو سوا 2 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي ويندي۔ ترجمان موجب ڊسڪوز کي بجلي بند ڪرڻ جا وقت صارفين سان شيئر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، حڪومت هر اهو قدم کڻندي جنهن سان عوام کي رليف ملي۔ هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڪمرشل مارڪيٽن جي بروقت بندش سان بجلي جي طلب گهٽائي سگهجي ٿي، طلب ۾ گهٽتائي آڻي بجلي جي اگهن ۾ ممڪن واڌ کي وڌيڪ گهٽائي سگهجي ٿو۔ ترجمان پاور ڊويزن موجب مهانگي ٻارڻ جي گهٽ استعمال سان بجلي جي اگهن ۾ ممڪن واڌ کي روڪي سگهجي ٿو۔ جولاءِ کان فيبروري تائين بجلي صارفين کي 46 ارب رپين جو رليف ڏنو ويو، ٻارڻ جي اگهن ۾ واڌ باوجود بجلي 71 پيسا سستي ٿي، گهٽ لاڳت وارن ذريعن ۽ پيداوار جي صلاحيت کي اثرائتي نموني استعمال ڪيو ويو، حڪومت ترسيل ۽ انتظامي سطح تي بهتري آڻي نقصان گهٽايا۔ ترجمان موجب عالمي سطح تي سخت حالتن باوجود ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار مستحڪم آهي، هن وقت به ضرورت موجب بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي۔ مهانگي ٻارڻ تي انحصار سان بجلي جي اگهن ۾ وڏي واڌ ٿي سگهي ٿي، وزيراعظم جي هدايت تي صورتحال کي مسلسل مانيٽر ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم ڪنهن به صورت ۾ بجلي جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ نه ٿيڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي۔ پاور ڊويزن جي ترجمان چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي 80 ايم ايم سي ايف ايف ڊي مقامي گيس پاور پلانٽن کي فراهم ڪئي وئي، جنهن سان بجلي جي اگهن ۾ 80 پيسا في يونٽ واڌ ۽ اضافي لوڊ مينيجمينٽ کي روڪيو ويو، لوڊ مينيجمينٽ جو مقصد بجلي جي اگهن ۾ لڳ ڀڳ 3 رپيا في يونٽ ممڪن واڌ کي روڪڻ آهي۔فرنس آئل جي استعمال کي محدود ڪرڻ باوجود لڳ ڀڳ 1.5 رپيا في يونٽ واڌ لاءِ تيار رهڻو پوندو، جيڪڏهن وقت سر قدم نه کنيا وڃن ها ته اگهن ۾ 5 کان 6 رپيا في يونٽ واڌ ٿئي ها.