| بجلي جي سمارٽ ميٽرن جا اگهه 40 سيڪڙو گهٽايا آهن: اويس لغاري |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير پاور سردار اويس لغاري چيو آهي ته بجلي جي سمارٽ ميٽرن جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي قومي سطح تي 150 ارب رپين جي بچت ٿي آهي. هن چيو ته چيو ته ٽن فيز ميٽر جي قيمت 45 هزار رپين کان گهٽجي 25 هزار رپيا ٿي وئي آهي، سنگل فيز ميٽر جي قيمت ۾ 7 هزار رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، بهتر حڪمت عملي جي نتيجي ۾ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي ريگوليشنز ۾ مثبت تبديلي ٿي آهي. انٽرنيشنل ڪمپنين مقابلي واري عمل ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ انهن کي پيش ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪيون ويون، مسلسل مانيٽرنگ ۽ سمارٽ ميٽرن لاءِ شفاف ۽ مقابلي وارا معيار مقرر ڪرڻ سبب انهن ميٽرن جي قيمت گهٽ ٿيڻ لڳي. نئين ميٽرن جي انسٽاليشن سان بجلي استعمال ڪندڙن کي به اربين رپين جي بچت ٿيندي، ان جو سڌو فائدو صارفين کي نئين ڪنيڪشنن جي ڊيمانڊ نوٽس جي خرچن ۾ گهٽتائي جي صورت ۾ ملندو، سمارٽ ميٽرن جي ذريعي غلط ميٽر ريڊنگ کان ڇوٽڪارو، بجلي چوري جي فوري سڃاڻپ ممڪن ٿي وئي آهي، اڳواٽ ادائيگي جي سهولت، پنهنجن ميٽرن جي سڌي مانيٽرنگ، بجلي جي استعمال بابت مڪمل ڄاڻ، بجلي جي بحالي بغير ڪنهن لائن مين جي ۽ ٻيا ڪيترائي فائدا حاصل ٿيندا.