| بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ اضافو، لاهور ۾ گهٽتائي |
لاهور (م ڊ) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، گرم موسم ۾ ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جو ٽائيم 10 ڪلاڪن کان وڌي ويو آهي. ڪراچي جي علائقن گارڊن، لياري، نارٿ ڪراچي، نيو ڪراچي، ملير، ڪورنگي ۽ اورنگي ٽائون ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ جاري آهي، بجلي کان ڇوٽ وارا علائقا به بجلي جي بندش سبب متاثر آهن. لاهور ۽ ليسڪو ريجن ۾ بجلي جي طلب 2800 ميگاواٽ آهي جڏهن ته نيشنل گرڊ کان 2700 ميگاواٽ فراهم ڪئي پئي وڃي، اهڙي طرح ليسڪو ۾ شارٽ فال 100 ميگاواٽ رهجي ويو. پيسڪو اختيارين جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ بجلي جي طلب ۽ رسد ۾ 600 ميگاواٽ جو فرق آهي، موسم ۾ بهتري ۽ ڇنڇر جي اختتام سبب اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۾ معمولي گهٽتائي ٿي آهي.