بجلي جي واڌو بلن خلاف ملڪگير مظاهرا، بلن کي باهيون: نگران وزيراعظم نوٽيس ورتو، اڄ اجلاس طلب

آگسٽ 26, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) بجلي جي واڌو بلن خلاف عوام ۾ سخت ڪاوڙ آهي، ان حوالي سان ملڪ گير احتجاجي مظاهرا ڪري بجلي جا بل ساڙيا پيا وڃن

بجلي جي ڳرن بلن جي معاملي جو نگران وزيراعظم انوار الحق نوٽيس ورتو، ان معاملي تي اڄ وزيراعظم هائوس ۾ اجلاس طلب ڪيو آهي

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ (ايڪس) ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته بجلي جي ڳرن بلن جي معاملي تي وزيراعظم هائوس ۾ اجلاس طلب ڪيو آهي

اجلاس ۾ وزارت بجلي ۽ پاور ڪمپنين کان بريفنگ ورتي ويندي، صارفين کي بجلي جي بلن تي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي

نگران وزيراعظم پاران آچر ڏينهن ڪوٺايل اجلاس ۾ بجليءَ جي اگهن ۽ واهپيدارن کي ملندڙ ڳرن بلن بابت غور ويچار ڪيو ويندو

وزيراعظم پاڻي ۽ بجلي واري وزارت ۽ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيز کي سڀاڻي تفصيلي بريفنگ ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪري ڇڏي آهي

 اجلاس ۾ واهپيدارن کي بجلي جي بلن جي حوالي سان وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ بابت مشاورت ڪئي ويندي، پنجاب، آزاد ڪشمير ۽ وزيرستان سميت مختلف علائقن ۾ شهرين جي احتجاج ۽ بجليءَ جي بلن کي باهيون ڏيڻ جي واقعن بعد وزيراعظم نوٽيس ورتو

سکر ۾ به گذريل ڏينهن احتجاجي مظاهري دوران شهرين پاران بجليءَ جي بلن کي باهيون ڏنيون ويون، شهرين جو چوڻ آهي ته 2 پکا ۽ هڪ سيور استعمال ڪرڻ تي به 16 هزار روپيا بل ڇو پيو اچي؟

Leave A Comment