| بجلي شعبي ۾ گردشي قرض ۾ 8 مهينن دوران 224 ارب واڌ |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بجلي شعبي جي گردشي قرضي ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين 8 مهينن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. دستاويزن مطابق جولاءِ 2025ع کان فيبروري 2026ع تائين گردشي قرضو 224 ارب رپيا وڌي ويو. فيبروري 2026ع تائين بجلي شعبي جو گردشي قرضو 1837 ارب رپيا رهيو، جون 2025ع تائين پاور سيڪٽر جي سرڪلر ڊيٽ جو حجم 1614 ارب رپيا هو، سرڪلر ڊيٽ 1225 ارب رپيا گهٽ ڪرڻ وارن معاهدن جي 5 مهينن ۾ به اضافو ٿيو. دستاويزن مطابق سيپٽمبر 2025ع ۾ حڪومت سرڪلر ڊيٽ گهٽ ڪرڻ لاءِ بينڪن سان معاهدا ڪيا هئا، آڪٽوبر 2025ع کان فيبروري 2026ع تائين پاور سيڪٽر جو سرڪلر ڊيٽ 144 ارب رپيا اضافو ٿيو. سيپٽمبر 2025ع تائين پاڪستان جي پاور سيڪٽر جو سرڪلر ڊيٽ 1693 ارب رپيا هو.