| بجلي صارفين کان 278 ارب واڌو اوڳاڙي جو پلان تيار: في يونٽ 3.23 رپيا ڊيبٽ سروس ٽيڪس لاڳو |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بجلي صارفين سرڪلر ڊيبٽ جي ادائيگي جي بار جي زد ۾ اچي ويا. ذريعن موجب هلندڙ مالي سال دوران بجلي صارفين کان ڊيبٽ سرچارج ۾ 278 ارب رپين جي وصولي جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، ان مان 156 ارب رپيا وياج جي آخري ادائيگي ۾ استعمال ڪرڻ جو پلان آهي. ناڻي وزارت جي ذريعن موجب باقي بچيل 122 ارب رپيا اصل رقم جي ادائيگي لاءِ استعمال ٿيندا. اصل رقم جي ادائيگي سان ان جي برابر سرڪلر ڊيبٽ جي اسٽاڪ گهٽجڻ گهرجي، پر ڄاڻايل سرڪلر ڊيبٽ مينيجمينٽ پلان ۾ اها لاٿ ظاهر نه ٿي آهي. هاڻي بجلي صارفين في يونٽ 3.23 رپيا ڊيٽ سروس سرچارج ادا ڪري رهيا آهن، جيڪو وفاقي حڪومت بجلي شعبي جي سرڪلر ڊيبٽ جي ادائيگي لاءِ لاڳو ڪيو آهي