اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف جي شرطن تي نيپرا بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 4 رپيا 96 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، حتمي منظوري وفاقي حڪومت ڏيندي جنهن بعد بجلي جو في يونٽ 50 رپين کان وڌي ويندو ۽ بجلي جي قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويندي
ملڪ ۾ بجلي جو بُنيادي اگهه 24 رپيا 82 پئسا في يونٽ هو، گذريل مالي سال دوران بجلي جو بنيادي ٽيرف 16 رپيا 91 پئسن مان وڌائي 24 رپيا 82 پئسا في يونٽ ڪيو ويو هو، بنيادي ٽيرف ۾ 4 رپيا 96 پئسا اضافي سان في يونٽ 29 رپيا 78 پئسا ٿي ويندو
بنيادي ٽيرف سوڌو هينئر ملڪ ۾ بجلي جو هڪ يونٽ اٽڪل 45 رپين جو آهي پر نئين واڌ کانپوءِ تقريبن 50 رپيا ٿي ويندو. نيپرا پاران بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ واڌ جو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪليو ويو جنهن جي حتمي منظوري بعد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو
نيپرا ايڪٽ تحت وفاقي حڪومت سموري بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين لاءِ هڪ جهڙو ٽيرف مقرر ڪرڻ لاءِ درخواست ڏيڻ جو حق رکي ٿي، ميپڪو، گيپڪو، حيسڪو، سيپڪو، پيسڪو، ٽيسڪو مالي سال 2023-24 لاءِ ملٽي ٽيرف تحت ايڊجسٽمينٽ جي درخواست ڏني هئي
آئيسڪو، ليسڪو، فيسڪو 2023-24 کان سال 2027- 28 تائين ملٽي ٽيرف ۽ سال 2023-24 لاءِ عبوري ٽيرف جي درخواست ڏني هئي، نيپرا اٿارٽي مالي سال 2023-24 لاءِ قومي بنيادي بجلي ٽيرف ۾ 4 رپيا 96 پيسن جي واڌ جي منظوري ڏني آھي، نيپرا بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين جي وصولين جو ڪاٿو 3281 ارب جو لڳايو آھي
هوڏانهن نيپرا ڪراچي لاءِ به بجلي مهانگي ڪري ڇڏي آهي، نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي لاءِ بجلي هڪ رپيو 44 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي
ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن کي جولاءِ جي بلن ۾ ادائيگيون ڪرڻيون پونديون پر تازي واڌ ڪي اليڪٽرڪ جي لائف لائن واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي