بجلي هڪ مهيني لاءِ 48 پيسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

بجلي هڪ مهيني لاءِ 48 پيسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بجلي صارفين لاءِ خراب خبر هڪ مهيني لاءِ بجلي 48 پيسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي. سي پي پي اي پاران ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ بابت درخواست داخل ڪئي وئي. نيپرا 29 جنوري تي سي پي پي اي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي. مليل ڄاڻ موجب ڊسمبر ۾ 8 ارب 48 ڪروڙ 70 لک يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي. ڊسڪوز کي 8 ارب 20 ڪروڙ 80 لک يونٽ بجلي فراهم ڪئي وئي. ڊسمبر ۾ في يونٽ لاڳت 9.62 رپيا رهي. هائيڊل مان 18.07 سيڪڙو، مقامي ڪوئلي مان 13.99 سيڪڙو پيداوار ٿي. درآمدي ڪوئلي مان 10.13 سيڪڙو پيداوار، قدرتي گيس مان 11.20 سيڪڙو ، درآمدي گيس مان 17.24 سيڪڙو پيداوار، نيوڪليئر مان 25.05 سيڪڙو بجلي پيدا ٿي.